پنرجنم آواگون

پنرجنم/ آواگون (Reincarnation): هن عقيدي کي قديم يوناني ٻوليءَ ۾ ”Palingenesis“ چيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ’وري ٻيو جنم‘ ۽ انگريزيءَ ۾”Reincarnation“ چيو وڃي ٿو، جيڪو اصل لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي “ٻيهر گوشت ۾ داخل ٿيڻ“. هنديءَ ۾ هن کي سمسار (Samsara) چيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”زندگي ۽ موت جو بار بار ورجاءُ“.آواگون نظريي جي مطابق مرڻ کان پوءِ روح پرواز ٿي ويندو آهي ۽ مقرر ڪيل عرصي کانپوءِ وري ڪنهن ٻئي جسم ۾ جنم وٺندو آهي. هن مرحلي کي ’روح جي منتقلي‘ به چيو ويندو آهي. ڪائنات جو سرشتو جيڪو زندگي، موت ۽ وري زندگيءَ جي سلسلي سان هلندڙ آهي، اهو سڄو انسان جي عملن تي ٻڌل آهي، مثلاً: ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا عمل بد آهن ته ان جو جنم ڪنهن اهڙي بدڪار جانور، ماڻهوءَ يا ڪنهن نباتات ۾ ٿيندو، پر جيڪڏهن عمل سٺا اٿس ته پوءِ ڪنهن اعليٰ نسل جي حيوانات يا نباتات ۾ جنم وٺندو. موت جي وقت جسم ان لاءِ مرده ٿي ويندو آهي ته جيئن هن دنيا يا ٻي دنيا ۾ وري نئين جسم ۾ ظاهر ٿي سگهي.“ اسلام ۾ پنرجنم عقيدو: قرآن شريف جي سورة الڪهف ۾ واضح آهي ته: ”اسان زمين مان ئي توهان کي پيدا ڪيو ۽ انهيءَ ۾ ئي توهان کي موٽائينداسين ۽ انهيءَ مان ئي توهان کي ٻيهر ڪڍنداسين“ مسلمانن جو نظريو آهي ته قيامت جي ڏينهن سڀ مرده وري زندهه ڪيا ويندا. اهو به عقيدو آهي ته قيامت کان اڳ ڪجهه پيغمبرن جو ظهور ٿيندو، جهڙوڪ: حضرت عيسيٰعه ۽ حضرت خضرعه. شيعه فرقي وارن جو عقيدو آهي ته امام محمد مهديعه جو ظهور به قيامت کان اڳ ٿيندو. هندومت ۾ پنرجنم عقيدو: هندومت وارن جو عقيدو آهي ته هر انسان جا 72 جنم ٿيندا آهن ۽ پوءِ جنهن جا جهڙا عمل هوندا، ان جو اهڙو ئي جنم ٿيندو. ڀڳوت گيتا ۾ چيل آهي ته آتما (روح) غير مادي ۽ لافاني آهي، جنهن جو ڪڏهن به موت نه ٿو ٿئي. جڏهن ته جسم کي جنم به ملي ٿو ته موت به. هنن جو عقيدو آهي ته انسان جو جنم سندس خواهشن ۽ عملن مطابق ٿئي ٿو. جيئن ته هڪ انسان جون خواهشون مڪمل طور ڪڏهن به پوريون نه ٿيون ٿي سگهن، تنهنڪري انسان ڪڏهن به مطمئن نه ٿو ٿي سگهي، جنهن سبب اهو انسان انهن رهيل خواهشن جي پورائي لاءِ باربار جنم وٺندو رهي ٿو، پر جڏهن اهو ئي ساڳيو انسان دنياوي شين کي ڇڏي روحانيت ڏانهن راغب ٿي پنهنجون نفسياتي خواهشون ختم ڪندو ته پوءِ اهو مطمئن ٿي ويندو، جنهنڪري سندس آواگون وارو عمل رڪجي ويندو ۽ کيس مُڪتي (ڇوٽڪارو/ نجات) ملي ويندي. هندو عقيدي مطابق ڀڳوان به ٻين روپن ۾ هن ڌرتيءَ تي جنم وٺي ايندا رهيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ به اوتار بنجي ايندا رهندا، جنهن جو مثال ڀڳوان وشنو جو جنم آهي، جيڪو هن وقت تائين سندن عقيدي موجب نوَ جنم وٺي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڪنهن دؤر ۾ ڏهون جنم به وٺندو، جنهن جو نالو ’نڪلنگي‘ (ڪلڪي اوتار) هوندو. سِک مت جو نظريو: جيستائين روح کي آزادي نه ٿي ملي، تيستائين روح ٻين جسمن ۾ جنم وٺندو رهندو ۽ روح جي آزادي تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ان جا عمل نيڪ ۽ صالح هوندا. عيسائين جو پنرجنم بابت نظريو: عيسائين جي نظريي مطابق حضرت عيسيٰعه خدا جو ٻيو روپ آهي، جنهن جو ظهور قيامت کان پهرين ٿيندو. سيليٽڪ جو آواگون نظريو: هنن جو نظريو آهي ته انسانن جا روح غير مادي آهن ۽ اهي هڪ جسم جي موت کان پوءِ وري مقرر ٿيل وقت کانپوءِ ٻئي جسم ۾ داخل ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو